درس، محمد واصل

درس، محمد واصل

درس محمد واصل

درس، محمد واصل: محمد واصل ولد رحمت الله درس پنهنجي وقت جو ناميارو عالم، فاضل ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ڄاڻايو آهي ته: محمد واصل ابن ميان رحمت الله درس، ٺٽي ۾ 1853ع ڌاري پيدا ٿيو. هيءُ پنهنجي دؤر جو عالم، فاضل، حڪيم ۽ شاعر هو. سندس علمي پورهيو، سسئي پنهونءَ جو منظوم قصو ’گلزار واصل‘ نالي سان ڇپيل آهي. سندس ڪلام، قصن جي ان سلسلي جو حصو آهي، جنهن ۾ مولوي عبدالله ڪڙيي واري جو قصو ليليٰ مجنون، حفيظ تيوڻي جو مومل راڻو ۽ ٻيا قصا اچي وڃن ٿا. محمد واصل درس 1920ع ڌاري وفات ڪئي.
هن جي ڪلام تي مشتمل مثنوي ’گلزار واصل‘ 7518 بيت/ شعر هئا، جيڪي سسئي پنهونءَ جو داستان (منظوم) بابت هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو